سنڌ ايڊووڪيٽ

سنڌ ايڊووڪيٽ (اخبار): هيءَ هفتيوار سنڌي اخبار، 25 اپريل 1918ع کان شڪارپور مان مولچند ويرو مل ڀوراڻيءَ جي ادارت هيٺ پڌري ٿي. ان کان اڳ هيءَ اخبار، 1913ع ۾ پرڀداس ڪندن مل جي ادارت هيٺ ايڊورس پريس سکر مان شايع ٿيندي هئي. هيءَ اخبار شڪارپور مان شايع ٿيڻ بعد انگريزي ٻوليءَ ۾ به شايع ٿيندي هئي. هيءَ اخبار انگريز سرڪار جي خلاف هئي. ان ڪري مٿس وقت بوقت سرڪار نامدار جو ڏمر به پيو.
هن اخبار ۾ انگريز سرڪار خلاف مضمون شايع ٿيڻ سبب بمبئي سرڪار، 1922ع ۾ اخبار ضبط ڪري اخبار جي اشاعت تي هميشه لاءِ بندش وجهي ڇڏي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو